✮✳  🎀  ننڊ نہ ڪرڻ جا نقصان  🎀  ✳✮

جڏھن توھان ھڪ ھفتي تائين سھمندا نہ آھيو تہ توھان جي جسم سان ڇا ٿئي ٿو؟

رات جي سٺي ننڊ اسان جي صحت لاءِ تمام گهڻي ضروري ھوندي آھي. ننڊ ڪرڻ سان اسان پنھنجو پاڻ کي نہ فقط بھتر محسوس ڪندا آھيون پر ان سان گڏوگڏ اھا اسان کي وڌيڪ چوس


ت، وڌيڪ توانائي رکندڙ ۽ وڌيڪ خوش طبعيت بڻائي ٿي.

تنھنکانسواءِ ننڊ اسان جي سکڻ، ياداشت ۽ منطقي فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت کي پڻ شاھوڪار بڻائي ٿي. اھا اسان جي مدافعتي نظام کي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان جي جسم جي اندر ٿيندڙ نامياتي ڀڃ گهڙ واري عمل (metabolism) (توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ڪيميائي عمل) ۽ بک جي نظام کي برقرار رکي ٿي.

نيورو سائنسدانن ڪيترن ئي ڏھاڪن کان ھن ڳالھ تي تحقيق ڪري رھيا آھن تہ ننڊ اسان جي زندگي جو ايترو اھم حصو ڇو آھي؟

جڏھن اسان ھڪ ھفتي تائين سمھندا نہ آھي تہ اسان جي جسم سان ڇا ٿئي ٿو؟

ٿي سگهي ٿو تہ اسان مان اڪثر ماڻھن کي پنھنجي زندگي جي ڪنھن حصي تي پوري رات جاڳي ڪري گذارڻي پئي ھجي خاص طور تي پنھنجي شاگردي جي زماني ۾ جڏھن اسان وٽ ڪنھن پروجيڪٽ يا اسائنمينٽ جي آخري تاريخ ھئي پر سڄي رات جاڳڻ اسان جي صحت لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ آھي. اھا خطرا ان وقت اڃان بہ بدتر ٿي ويندا آھن جڏھن اسان ڪيترن ئي ڏينھن تائين لڳاتار جاڳندا رھندا آھيون.

ان جو سبب اھو آھي تہ ننڊ جي کوٽ ڪيترن ئي اڻ وڻندڙ علامتن جھڙوڪ چڪر اچڻ، ذھني دٻاءُ ۽ مٿي جو سور جو سبب بڻجي سگهي ٿي پر ڪجھ خطرناڪ حالتن ۾ اھو موت جو سبب بہ بڻجي سگهي ٿو. 2012ع ۾ ھڪ چيني ماڻھو فٽبال ٽورناميٽ ڏسڻ جي لاءِ 11 ڏينھن تائين جاڳڻ کانپوءِ ننڊ جي کوٽ جي نتيجي ۾ مري ويو.

ننڊ جي کوٽ سان مدافعتي نظام جي ڪمزور ٿيڻ جي ڪري انساني موت بہ ٿي سگهي ٿو.

ننڊ جي کوٽ موت جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿي ان کي سمجھڻ لاءِ اڃان تائين سائنسدانن وٽ ايترو مواد موجود نہ آھي. پر تجربيگاھ ۾ ڪوئن تي ڪيل تجربن مان اھو معلوم ٿيو آھي تہ ڪوئا ٻن ھفتن جي ننڊ جي کوٽ کانپوءِ مري ويا. تنھنکانسواءِ ريڪارڊ ڪيل مواد (ڊيٽا) ۾ مختلف سائنسي تجربن جي مدد سان تحقيقدانن انھن ماڻھن جي نگراني ڪئي جيڪي ھڪ ڏينھن کان وڌيڪ جاڳندا رھيا. انھن ماڻھن کي سوچ ويچار (ڌيان) ۽  ادراڪ جا تمام گهڻا مسئلا ھئا جيڪي گهڻي دير تائين جاڳڻ جي سبب پيدا ٿين ٿا. انھن انگن اکرن مطابق فقط ابتدائي 24 ڪلاڪن ۾ تحقيقدانن دٻاءُ جي ھارمونن (hormones) ۾ واڌري جو مشاھدو ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ رت جي داٻ (blood pressure) ۾ واڌارو ٿيو. تنھنکانسواءِ ٻين علامتن ۾ ماحول غير شناسي يا بدحواسي (disorientation) ۽ ڏينھن جي وقت خمار پڻ شامل آھن. بي خوابي عام طور تي جيري ۽ مشڪن جي تاندورن ۾گڏ ٿيل جانورن جي حيواني نشاستي يا گلائڪوجن (glycogen) جي مقدار ۾ کوٽ جي سبب ٿئي ٿي.

ننڊ ڪرڻ سان گلائڪوجن جي ذخيرن کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ملندي آھي. تنھنکانپوءِ 36 ڪلاڪن ۾ تحقيقدانن عقلي قابليت ۾ تمام گهڻي گهتٽائي جو پڻ مشاھدو ڪيو. تحقيق ۾ شرڪت ڪندڙ بھتر طريقي سان ھدايتن تي عمل ڪرڻ کان عاجز ھئا. ايتري تائين جو اھي سولن ڪمن کي مڪمل ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳائڻ لڳا. تنھنکانپوٰ 48 ڪلاڪن ۾ مدافعتي نظام ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو، جسم جو اندريون گرمي پد گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ جسم جي گلوڪوز کي نامياتي ڀڃ گهڙ جي عمل ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي.

ياداشت جي ڪمزوري بہ ٿئي ٿي. ان جو سبب اھو آھي تہ ننڊ  ياداشت کي محفوظ ڪرڻ ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي جيڪا نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ضرروري ھوندي آھي. جڏھن اسان سمھندا آھيون تہ مختصر عرصي جون يادون (short-term memories)، ڊگهي عرصي تائين ياد رھندڙ بڻجي وينديون آھن. ننڊ جي کوٽ انھن يادن کي ٿوري عرصي تائين رھندڙ بڻائي ڇڏي ٿي. تنھنکانسواءِ ٻن ڏينھن تائين جاڳڻ جي نتيجي ۾ ھيلوسينيشنز (Hallucinations)(ڪنھن اھڙي شي جي موجودگي جو احساس جيڪا اصل ۾ موجود ئي نہ ھجي)، پارنويا (paranoia) (اجائي خوف جو احساس) ۽ دل جي بيمارين جي خطري ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو.

عام طور تي گهربل ننڊ نہ ڪرڻ جي ڪري ڊگهي عرصي وارا ھاڃيڪار خطرا ٿي سگهن ٿا. اھي خطرا ذيابيطس، دل جي بيمارين، ذھني دٻاءُ ۽ ٿُلھ جي شڪل ۾ ٿي سگهن ٿا.

اھو خيال ڪيو ويندو آھي تہ جيڪي ماڻھو اسپتالن، آمدورفت ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا جن ۾ بي ترتيب طريقيڪار ۽ رات جي شفٽ شامل ھوندي آھي انھن کي ننڊ جي دائمي کوٽ جو خطرو وڌيڪ رھي ٿو.

فقط آمريڪا ۾ اھو خيال ڪيو ويندو آھي تہ ھڪ لک کان وڌيڪ ڪارن جا حادثا ڊرائيورن جي ننڊ جي کوٽ جي سبب ٿين ٿا. جن ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻھن جي موت ۽ 70 ھزار زخمي ٿين ٿا.

ڪنھن انسان جو جاڳڻ جو سڀ کان ڊگهو ريڪارڊ 11 ڏينھن 25 منٽن جو آھي.

Comments

Popular Posts